سخي صوبدار جي مزار

سخي صوبدار جي مزار

سخي صوبدار جي مزار

سخي صوبدار جي مزار (ماڳ): سخي صوبدار جي مزار سيفل ريسٽ هائوس لڳ ڪشمور ۾ ٺهيل آهي. مقبرو پڪين سرن جو ٺهيل ۽ مهاڙيءَ ۾ ٻن نيلن سان سجايل آهي. ٻيڙٻني تي ڄاري لڳل آهي، جيڪا جديد نموني جي سيمينٽ مان ٺهيل آهي. لنگهه ونگائون، پاسن سان ونگن سان طاق ٺهيل آهن، ڪنڊن تي برجيون ڏنل آهن. مقبرو ڏسڻ ۾ پراڻو نه ٿو اچي. شايد مقبري جي وقت به وقت مرمت ٿيندي رهي آهي. سخي صوبدار بابت روايتون آهن ته هو پنهنجي دور جو وڏو مهمان نواز ۽ ماڻهن جي ڀلي جا ڪم ڪندڙ هو. هن وقت هتي سرڪار پاران هڪ مسافرخانو ٺهرايو ويو آهي.


لفظ سخي صوبدار جي مزارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو